غلام رسول شڪارپوري

غلام رسول شڪارپوري : مولانا غلام رسول ولد خليفو پير محمد 3 مارچ 1863ع تي شڪارپور ضلعي ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم قاضي سيد بهادر علي شاهه لودين کان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ خليفي پير محمد چشتيءَ جي مريدي اختيار ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ نواب سخي مدد خان جي جامع مسجد جو پيش امام ۽ خطيب ٿي رهيو، ان کان سواءِ حڪمت جو ڌنڌو به ڪندو هو. مولانا غلام رسول کي علم ادب ۽ شعر شاعريءَ سان به گهري دلچسپي هئي. پاڻ قديم سنڌي نظم ۾ ٽي ڪتاب لکيائين، جن ۾: ‘نتبيه المسلمين’، ‘معراج نامه’ ۽ ‘ميلاد نامه’ شامل آهن. ان کان سواءِ شاعري جو مجموعو ‘مجموعه ڪلام هاشم’ قابل ذڪر آهي، جنهن ۾ سنڌي ۽ سرائڪيءَ کان سواءِ فارسي ڪلام به شامل آهي. پاڻ شاعريءَ ۾ تخلص ‘هاشم’ استعمال ڪندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1863.03.03  عيسوي

مولانا غلام رسول ولد خليفو پير محمد 3 مارچ 1863ع تي شڪارپور ضلعي ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پارس حميد
ابڙو طارق عالم
سيد غلام حيدر شاهه 2
قاضي شفيق مهيسر
ٻاٻيهو
بشير مورياڻي
امام بخش شمس
سيد اسماعيل شاهه شاهڪپور وارو
ڀَرَتُ
عبدالله سومرو عاصم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون